خواجه آصف اقامي ڪيس ۾ تاحيات نااهل قرار، فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان نااهل قرار ڏيئي ڇڏيو اهي تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج مسٽر جسٽس عطر من الله جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري لارجر بئنڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ 10 اپريل تائين فيصلو محفوظ ڪيو هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڏينهن اڳ خميس تي فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج عطر من الله فيصلو پڙهي ٻڌايو ان موقعي تي عثمان ڊار عدالت ۾ پيش ٿيو ان سان گڏ ٻيا مقامي اڳواڻ به موجود هئا جڏهن ته خواجه آصف سميت مسلم ليگ (ن) جو ڪوبه اڳواڻ عدالت ۾ موجود نه هو 35 صفحن تي ٻڏل فيصلي مطابق خواجه آصف کي آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت سڄي حياتي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي جنهن کان پوءِ سندس قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ به ختم ٿي ويئي آهي عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته خواجه آصف صادق ۽ امين ناهي رهيو فيصلو موجب خواجه آصف 2013 جي اليڪشن به نه پئي وڙهي سگهيو عدالت عاليه فيصلي جي مصدقه ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي اماڻڻ جو حڪم به ڏنو جنهن کان پوءِ خواجه آصف کي قومي اسيمبلي تان ڊي سيٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو عدالت معلومات لاءِ فيصلي جي ڪاپي قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏانهن موڪلن جي هدايت ڪئي بي بي سي موجب هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آخر ۾ چيو ويو ته اسان هي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي ڪنهن به عدالت لاءِ خوشي جو موقعو ناهي هوندو جڏهن ته ڪو چونڊيل نمائندو نااهل ٿئي جڏهن سياسي قوتون سياسي سطح تي مسئلا حل ڪرڻ بدران عدالت جو رخ ڪن ٿيون ان جا اثر ادارن تي به پوندا آهن ۽ عوام تي به فيصلي ۾ جج صاحبان چيو ته اسان ڏکئي دل سان هي فيصلو ٻڌايو آهي نه صرف ان لاءِ ته هڪ مڃيل سياستدان نااهل ٿيو آهي پر اٽڪل ساڍا 3 لک ووٽرن جي اميدون ۽ خواب به چڪناچور ٿيا اهن ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه محمد آصف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعڳلان ڪيو آهي ذريعن موجب خواجه آصف مرڪندي فيصلي تي چيو ته اهو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندو هن چيو ته هي منهنجو آئيني ۽ قانوني حق آهي جيڪو استعمال ڪندس خواجه آصف چيو ته ان ۾ ڪنهن ڪوئي ڪمال ناهي ڪيو يا ته ان اڪامو لڪايو هو جيڪڏهن لڪايل شئي ٻاهر اچي ها ته ڪمال ٿئي ها مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته هو جڏهن کان سياست ۾ آيو هن تڏهن کان پنهنجا اڪائونٽ ۽ اڪاما ظاهر ڪيا هئا جيڪي هن اليڪشن ڪميشن ۾ به ڊڪليئر ڪيا جنهن اڪامي جي تصوير ڏيکاري پئي وڃي اهو خود اليڪسن ڪميشن کي ڏنو آهي ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان ڊر چيو ته هو سڄي پاڪستان ۽ سيالڪوٽ جي عوام آڏو سرخرو ٿيو آهي هن يو ته مان سيالڪوٽ جي عوام کي مبارڪ ڏيان ٿو ته کيس 32 سالن کان پوءِ خواجه آصف کان ڇوٽڪارو مليو آهي هن چيو ته انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن مون کي جذبو ڏياريو ۽ اڄوڪي ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ عمران خان ڏانهن وڃي ٿو ڇو ته جيڪڏهن هو گڏ نه هجي ها ته مان هن ڪيس کي مڪمل نه ڪري سگهان ها. هوڏانهن  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خواجا آصف جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت ختم ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري پڌرائي موجب خواجا آصف جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب خواجا آصف هان قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 110 خالي قرار ڏني وئي آهي. خيال رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 تان 2013ع جي اليڪشن ۾ چونڊجو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *