عاليا ڀٽ جي خوبصورتي ڀارتي اداڪار کي شرمائڻ لڳي

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ساٿي اداڪار رام چرن سان کيس نظر انداز ڪرڻ جي شڪايت ڪئي ته هن سبب ٻڌائي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ناليواري هدايتڪار راجا مولي جي نئين فلم ” آر آر آر “ ٽرپل آر 7 جنوري 2022 ۾ ريليز ٿيندي، جنهن ۾ سائوٿ فلم انڊسٽري جا 2 وڏا نالا رام چرن ۽ جونيئر رما رائو اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.هن فلم ۾ باليوڊ اداڪارا عاليا ڀٽ به اهم ڪردار ۾ نظر ايندي، ان سلسلي ۾ عاليا ڀٽ رام چرن ۽ رما رائو سان گڏ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.عاليا ڀٽ رام چرن ۽ رما رائو طرفان شوٽنگ دوران نظر انداز ڪرڻ تي شڪايت ڪئي جنهن تي رام چرن چيو ته اصل ۾ مونکي فلم سيٽ تي توهان کان شرم اچي رهيو هو ڇو ته توهان گهڻا خوبصورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *