جڏهن رانديگر پورا ٿي سگهن ٿا ته ٽيم مئنجمينٽ ڇو نه؟ بابر اعظم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته جڏهن رانديگر پورا ٿي سگهن ٿا ته ٽيم مئنجمينٽ ڇو نه؟ وڊيو لنڪ پريس ڪانفرنس ۾ بابر اعظم چيو ته پاڪستان ٽيم سان ڪوچز لازمي هئڻ گهرجي، ڪپتان بابر اعطم چيو ته ويسٽ انڊيز کي ڀليڪار چوان ٿو ته هو پاڪستان اچي، جيڪڏهن ڪوئي وڏو رانديگر نه آيو ته ان فرق نٿو پوي ڇو ته ويسٽ انڊيز جا رانديگر ليگ کيڏندا رهن ٿا جڏهن ته نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي دوري کي ڪينسل ڪرڻ جو ڏک هميشه رهندو ويسٽ انڊيز اسڪواڊ ۾ ڪرونا هاڪاري رپورٽ ٿيڻ تي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڪووڊ جي ڪري آئيسوليشن ۾ رهڻ سولو ناهي هوندو ڪنهن رانديگر جو ڪووڊ هاڪاري اچي وڃي ته ٽيم ڪانبينيشن خراب ٿي وڃي ٿو منهنجي ٽيم جا رانديگر ان صورتحال مان گذري چڪا آهن ڪووڊ کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ ضروري اهي بابر اعظم چيو ته پاڪستان ٽِم لاءِ سٺو ماحول بنائڻ شروري اهي ٽيم جو حوصلو وڌائڻ ۽ سپورٽ ڪرڻ ڪپتان جو ڪم آهي اسان جا رنديگر محنت ڪري رهيا آهن ۽ نتيجا ملي رهيا آهن، اسڪين بولنگ ۾ بهتري لاءِ ثقلين مشتاق سڌائين ساٿ ڏنو آهي. بابر اعظم ويسٽ انڊيز سان هوم سيريز ۾ تماشائن جي ميدان ۾ اچڻ جي خبرن تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته گهڻي خوشي آهي جو 100 سيڪڙو شوقن اچي مئچ ڏسندا ۽ حوصلو وڌائيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *