عالمي مالياتي سامراج پاڪستان کي سي پيڪ مان ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ واڌئي رهيو آهي: رضا رباني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽر ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته عالمي مالياتي سامراج سي پيڪ مان پاڪستان کي ڪڍڻ لاءِ دٻاءَ واڌائي رهيا آهن. سينيٽ اجلاس ۾ رضا رباني سي پيڪ پروگرامن  لاءِ خاص ڪمن لاءِ 27 ارب مان 24 ارب ٻيهر مخصوص ڪرڻ تي ڌيان ڏياريو نوٽيس ڏنو.  رضا رباني چيو ته سي پيڪ مان خاص پروگرامن جا ٽي ارب رپيا گهٽايا ويا آهن، جڏهن کان حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان حڪومت آمريڪي سامراج ڏانهن جهڪاءُ وڌي ويو آهي، خطي ۾ به اسان جو جهڪاءَ آمريڪي اتحادين طرف آهي.   رضا رباني چيو ته عالمي مالياتي سامراج سي پيڪ مان پاڪستان کي ڪڍڻ لاءِ دٻاءَ وڌائي رهيا آهن،  ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ذريعي دٻاءَ وڌو پيو وڃي، ڀارت آءِ ايم ايف کي چئي رهيو آهي ته پاڪستان کي بيل آئوٽ پئڪيج نه ڏنو وڃي، ٻڌايو وڃي ته آءِ ايم ايف سان قرضن جا ڪهڙا شرط آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *