ڪوڊ ۾ تبديلي سبب ميراج 2000 ايئر ڪرافٽ پنهنجو گهربل حدف پورو نه ڪري سگهيو: ڀارتي ايئر فور ناڪامي قبولي ورتي

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ايئرفورس عملدارن پهريون ڀيرو بالاڪوٽ ايئر اسٽرائيڪ جي حوالي سان پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي تسليم ڪري ورتو آهي ته هن حملي ۾ ڀارتي هوائي فوج گهربل حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي دي هندستان ٽائيمز ۽ ٻين ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي ايئرفورس جي رپورٽ جنهن جو عنوان حاصل ٿيل سبق هو ۾ ان جو اعتراف ڪيو ويو آهي ڀارتي ٽيڪنيشنز پاران هٿيارن جي پروگرامن جي ڪوڊ ۾ تبديلي سبب ميراج 2000 ايئر ڪرافٽ پنهنجو گهربل حدف پورو نه ڪري سگهيو ڀرتي ايئرفورس عملدارن پاران جاري ڪيل هن رپورٽ کان اڳ سشما سوراج به هڪ تقريب ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته بالاڪوٽ حملي ۾ نه ته ڪو پاڪستاني شهري يا فوجي مارجي ويو ۽ نه ئي ڪو ماڻهو زخمي ٿيو ڀارتي ايئرفورس عملدارن جي تازي رپورٽ آسٽريليا جي اسٽريٽجڪ پاليسي انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارت جي پرسيشن گائيڊيڊ هٿيارن، پي جي ايمز جي پروگرامنگ کي صحيح نموني سان سيٽ نه ڪيو ويو هو جنهن تحت ڀارتي ايئرفورس گهربل حدف حاصل نه ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *