عاطف اسلم جي آواز ۾ گانو پهريون ڀيرو اداڪار سلمان خان تي شوٽ ڪيو ويندو

ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻو عاطف اسلم فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ لاءِ گانو ڳائيندو. عاطف جي آواز ۾ ڳايل گانو پهريون ڀيرو اداڪار سلمان خان تي شوٽ ڪيو ويندو. ذريعن مطابق عاطف جو اهو رومانوي گانو آهي جنهن جي موسيقي پريتم ترتيب ڏني آهي، جڏهن ته گاني جو ٽائيٽل ”تو چاهي“ رکيو ويو آهي. گاني جي منظر ۾ سلمان سميت ڪرينه ڪپور به هوندي، ان گاني جي شوٽنگ پُراڻي دهليءَ ۾ ڪئي ويندي. ياد رهي ته راحت فتح علي خان جو ڳايل گانو ”تيري ميري پريم ڪهاني“ سلمان ۽ ڪرينه تي ٺاهيو ويو هو ۽ اهو سپرهٽ گانو ثابت ٿيو. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *