اداڪار سلمان خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سلمان خان خلاف داخل هٽ اينڊ رن ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. سلمان خان ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ضلعي عدالت جي پنهنجي ڪيس جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي جنهن جي ٻڌڻي هاڻي پهرين جولاءِ تي مقرر ڪئي وئي آهي. ضلعي عدالت 6 مئي تي سلمان خان کي ان ڪيس ۾ 5 سال قيد جي سزا جو فيصلو ٻڌايو هو، سلمان خان هن وقت ضمانت تي آزاد آهي ۽ پنهنجي مڪمل ٿيندڙ فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *