صوفياڻا ڪلام ڳائڻ سان جيڪو سڪون ملي ٿو اهو ٻڌائي نه ٿي سگهان: عابده پروين

لاهور(شوبز نيوز) صوفياڻا ڪلام ڳائڻ سبب سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻيندڙ ڳائڻي عابده پروين چيو آهي ته مونکي دنيا جا ماڻهو صرف صوفي ڪلامن جي ڪري ئي سڃاڻيندا آهن، جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن به اعزاز کان گهٽ ناهي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي عابده پروين چيو ته صوفياڻا ڪلام ڳائڻ وقت مونکي جيڪو سڪون ملندو آهي اهو لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهان، آئون جڏهن صوفياڻا ڪلام ڳائيندي آهيان ته پنهنجي هستي ۾ بيگاني بڻجي هڪ ٻي دنيا ۾ هلي ويندي آهيان. هن چيو ته مونکي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي اهو سڀ ڪجهه صوفي ڪلامن جو ثمر آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *