اجي ديوگن سان خاص رشتو آهي، ساڻس گڏ پرسڪون رهندي آهيان: تبو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا تبو چيو آهي ته اجي ديوگن سان خاص رشتو آهي، ساڻس گڏ پرسڪون محسوس ڪندي آهيان. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيوت مون کي ڪم ڪرڻ جو ئي شوق ناهي، آئون صرف پنهنجن ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي جتي آئون موج مستي ڪري سگهان، آئون پنهنجي زندگي مان خوش آهيان، وڏي عرصي کان مزاحيا فلم ڪرڻ چاهيندي هئس انهي ڪري ئي روهيت شيٽي جي فلم گول مال فور جو حصو ٿيڻ تي راضي ٿيس، ڀلي آئون مزاحيا فلم ۾ ڪم ڪري رهي آهيان پر ان ۾ منهنجو ڪردار سنجيدا آهي. تبو وڌيڪ چيو ته مداحن کي ڪڏهن به خوش نٿو رکي سگهجي، آئون دل جي ڳالهه ٻڌي فلمن جي چونڊ ڪندي آهيان، اجي ديوگن سان منهنجو خاص رشتو آهي، انهي ڪري ان سان گڏ ڪم ڪندي پرسڪون رهان ٿي، آئون پنهنجي زندگي تي ڪڏهن به ڪتاب نه لکنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *