صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي: ق ليگ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ ق پنجاب جي وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پنجاب ۾ اهڙي تبديلي آڻڻ کان بهتر آهي ته عثمان بوزدار کي اڪيلو ڇڏيو وڃي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن مونس الاهي ۽ طارق بشير چيما سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ وڏي وزير جي تبديلي جي صورت ۾ نئين حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، قاف ليگ اڳواڻن چيو ته پنجاب مسلم ليگ (ق) جي سياست جو ميدان آهي، ان معاملي ۾ اتحادي طور اسان جي راءِ ضروري آهي، تبديلي جي صورت ۾ عليم خان کي اڳتي آندو ويو ته اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ فواد چوڌري وچ ۾ ملاقات ٿي اهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ ترين گروپ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته عمران اسماعيل سڦڌ سماءَ واري وفاقي وزير عليم خان سان ٿيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *