سنڌ سرڪار وفاق جي ڪنٽرول ۾ آيل ٽن وڏين اسپتالن تي ٿيل خرچ واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو اهي ته مشڪل وقت ۾ به واقي حڪومت غير سنجيده فيصلا ڪري رهي آهي لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت ڪرونا سان نه پر سنڌ حڪومت سان ورهڻ چاهي ٿي ڪرونا وائرس جي حوالي سان وفاقي حڪومت عوام کي ان جي حال تي ڇڏي ڏنو آهي تنهنڪري عوام پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي پاڻ حفاظت ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو بئريسٽر مرتضييٰ وهاب چيو ته هڪ دفعو ٻيهر وفاق سنڌ جي ٽن وڏين اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو اهي جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي ڪرونا وبا دوران اسان عوام کي هدايت ڪري رهيا آهيون ته سماجي وٿي رکو ۽ احتياط ڪيو جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي آن لائين سيشن شروع ڪري ڇڏيو اهي ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ترميم ڪئي ويئي آهي ۽ هي هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ عوام جي سمورن چونڊيل نمائندن انهن قائدن ۽ ضابطن ۾ ترميم کي گڏيل طور تي منظور ڪيو اهي ۽ هاڻي ميمبر گهر ويٺي آئيني ذميواري پوري ڪري سگهن ٿا مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اسيمبلي کي ڪرونا جي حوالي سان ٽن آرڊيننس جي به منظوري ڏيئي ڇڏي آهي هاڻي هي ايڪٽ طور نافظ ٿيندي هڪ آرڊيننس ۾ معمولي ترميم ڪئي ته پيئرا ميڊڪس سميت ڊاڪٽرن کي ڪوئي حراسان نه ڪري سگهي سنڌ جي گورنر کي ٽئي ايڪٽ منطوري لا3 موڪليا ويندا هن چيو ته ڪراچي جون 3 وڏيون سرڪاري اسپتالون سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي کان پوءِ وفاق کي منتقل ٿيڻيون هيون سپريم ڪورت جيڪي لوازمات وفاقي حڪومت کي انهن ٽنهي اسپتالن کي سنڀالڻ لا3 هدايت ڪئي هئي اهي اڃا تائين وفاقي حڪومت پوري نه ڪري سگهي آهي ان جا ڪيترائي سبب اهي هن چيو ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي جا سيٽلائيٽ سينٽر ۽ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيا آهن ڪراچي جي 12 مختلف ايرياز ۾ هي يونٽ قائم ڪيا لکن جي انگن ۾ ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن ان کان سواءِ جناح اسپتال جنهن جي حالت خراب هئي هاڻي الحمدالله صائبر نائپ جهڙي سهولت سان مفت علاج ڪرائي رهيا آهيون هن سهولت سان ماڻهو ٻاهران علاج لا3 اچن ٿا ڪجهه ماڻهو اسان جو ان حوالي سان تنقيد ڪن ٿا دنيا ۾ صائبر نائف تحت سڀ کان مهانگو علاج آهي اسان وٽ اهو مفت ڪيو وڃي ٿو اسان جي لاءِ پاڪستاني جي حيثيت سان اها فخر جي ڳالهه آهي انهن تنهي اسپتالن جي بجيٽ هڪ ارب هوندي هئي اها سنڌ حڪومت وڌائي 16 کان 17 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ماڻهن کي سندن شهرن ويجهو علاج جي سهولت مهيا ٿي سگهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ڪرونا جا مريض صحتياب ٿي رهيا آهن اهي ٻين ڪرونا جي مريضن کي بڇائڻ لاءِ پلازمه عطيو ڪن.سنڌ جي صحت جي وزير داڪٽر عذرا پيڇوهو چيو آهي ته عدالت جي روشني ۾ وفاق کي ادارا واپس وٺڻ لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ جي ضرورٽ آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته وفاق پاران هڪ ماڻهو گهمندي ڦرندي ادارن جو ڪنٽرول وٺي 18هين ترميم کان پوءِ هيلٿ سروسز صوبن وٽ رهڻ گهرجي ان ڏس ۾ اسان سپريم ڪورت ۾ درخواست ڏيئي ڇڏي آهي عدالتي حڪمن تحت وفاق کي ادارا صرور واپس ڪيا ويندا پر انهن تي ٿيندڙ خرچ ۽ رهتون وفاق کي واپس ڪرڻيون پونديون جي پي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي منتقل ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل ڏيندي عذرا پيچوهو چيو ته گورمينٽ سان گورنمينٽ ٽرانسفر لاءِ ٻنهي طرفن کان ويهي معاملا طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ادارن جي چارج سنڀالي هن چيو ته 18هين ترميم کان اڳ تن اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليج لاءِ 1.9 بلين رپيا خرچ ٿيندا هئا هن چيو ته صوبائي منتقلي کان پوءِ اين ا3 سي وي ڊي، جي پي ايم سي، اين آءِ سي ايڇ ۽ نرسنگ ڪاليج جي بجيٽ ۾ 10.5 بلين تائين واڌ ڪئي ويئي صحت جي وزير چيو ته اميد آهي ته ادارن جي واپسي کان پوءِ وفاق سنڌ حڪومت وانگر بجيٽ ۾ واڌ ڪندو رهندو. وفاق پاران اسپتالن جي واپسي جي خواهش کي ڏسندي سنڌ ۾ گذريل سال ايس آءِ سي وي ڊي لاءِ قانونسازي ڪئي ويئي آهي اين آءِ سي وي ڊي سان جوڙي اسان ٻين ضلعن ۾ ايس آءِ سي وي ڊي جا يونٽ وڌايا ڊاڪتر عذرا پيچوهو چيو ته سکر لاڙڪاڻو شهيد بينظير آباد سيوهڻ ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ ايس ا3 سي وي ڊي جون اسپتالون ٺاهيون ويون هي ادارا صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن ۽ صوبي وٽ ئي رهندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *