صدارتي آرڊيننس کانپوءِ ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ نه ٿيندو، اپوزيشن کي چوان ٿو تھ ”گھبرانا نھين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پيڪا آرڊيننس تي تنقيد کي بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته اليڪٽرانڪ ڪرائم تي صدارتي آرڊيننس آڻڻ سان ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ نه ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روس دوري جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته خطي جي موجوده صورتحال ۾ روس جو دورو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ان دوري سان پاڪستان سميت خطي تي اثر پوندو، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدن سان معاشي بهتري ايندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شرڪت ڪندڙن پيڪا آرڊيننس تي تنقيد کي بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته صدارتي آرڊيننس سان کانپوءِ ڪنهن جو پٽڪو نه لاهي سگهبو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان اسلامي معاشري جي عڪاسي اولهه ملڪن ۾ ملندي آهي، ڄاڻي واڻي پاڪستان ۾ اخلاقيات کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻئي طرف  وزير اعظم عمران خان چيو آھي تھ جڏھن وزير اعظم ٿيس تھ ڪابينا کي چوڻو پوندو ھو تھ گھٻرايو نھ، ھاڻي اپوزيشن کي چوان ٿو تھ ”گھبرانا نھين!“ قومي اي واپار پورٽل جي تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ جڏھن حڪومت سنڀالي تھ ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي ويجھو ھو، پاڪستان ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ آھي، ايترو دنيا ۾ ڪٿي بھ ناھي. وزيراعظم چيو تھ پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ بل گيٽس کان سھڪار چاھيون ٿا، جلد خوشخبري ملندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *