تبديلي جو واعدو ڪندڙ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: بلاول ڀٽو زرداري

پشاور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ ساٿي به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن. پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ 27 فيبروري کان عوامي مارچ شروع ڪري رهي آهي، عوامي مارچ نالائق، ناجائز ۽ نااهل حڪومت خلاف آهي، اسان پهرئين ئي ڏينهن کان وزيراعظم کي سليڪٽڊ قرار ڏنو هو. هن چيو ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ  به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن، بي اعتمادي نه آڻڻ جا خواهشمند اسان جو موقف ورجائي رهيا آهن، دوست چوندا هئا ته استعيفيٰ ڏيو، اليڪشن ۾ حصو نه وٺو پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هٿ ٺوڪئي جو ڄمي مقابلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان اها جماعت ناهيون، جيڪا ڪنهن ٻئي اداري کي چئي ته انهن کي ڪڍو، اسان اها جماعت ناهيون جيڪا پي ٽي وي يا پارليامينٽ تي حملو ڪري، عمران خان تبديلي جو واعدو ڪيو، تباهي کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو، هن جو هر واعدو ڪوڙو هو، يوٽرن تي يوٽرن وٺندو آهي، اسان چيو هو ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ رڳو جمهوري طريقو استعمال ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 مارچ تي اسان اسلام آباد ۾ گڏباسين ۽ قوم سامهون مطالبا رکنداسين، اسان حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اسان ضياءُ الحق، پرويز مشرف ۽ هاڻ سليڪٽڊ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ٻيون جماعتون به اسان جي حمايت ڪري رهيون آهن، اسان نڪرنداسين ته هر صوبي لاءِ نڪرنداسين، ڪو اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، توهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *