صادق آباد اسٽيشن ويجهو مسافر ٽرين ۽ مال گاڏي ۾ ٽڪر، 21 مسافر فوت، 84 زخمي

رحيم يار خان (اين اين آءِ) صادق آباد ولهار ريلوي اسٽيسن ويجهو بيٺل مال گاڏي سان اڪبر بگٽي ايڪسپريس زوردار ڌماڪي سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ 21 مسافر فوت ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي حادثو ايترو ته خوفناڪ هو جو ٻنهي ٽرينن جا 4-4 گاڏا هڪ ٻئي ۾ دٻجي تباهه ٿي ويا ۽ اڪبر ايڪسپريس جي انجڻ مڪمل طور تي تباهه ٿي مقامي ماڻهن پاڪ فوج جي جوانن ريسڪيو 1122 ۽ ٻين ايمبولنسز آپريشن ۾ حصو ورتو خميس تي لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس رحيم يار خان ويجهو ولهار اسٽيشن جي حد ۾ بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 11 ماڻهو فوت 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا 3 کان 4 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا 6 کان 7 گاڏا سخت متاثر ٿيا اطلاع ملڻ تي ريسڪيو اهلڪارن ٿڏي تي پهچي ڪم ڪيو ذريعن موجب ريسڪيو اهلڪارن گاڏن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڳري مشينري کان بچائي ورتي ڊي سي رحيم يار خان جميل احمد ۽ ڊي پي او عمر سلامت رحيم يار خان امدادي ڪمن جي نگراني ڪري رهيا هئا ٻئي پاسي صادق آباد اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر مسافر 7 کان وڌيڪ زخمي اسپتال ۾ آندا ويا ٻين سخت زخمين کي شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان پهچايو ويو اسپتال جي ذريعن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن سان فوتين جو انگ 21 ٿي ويو اسپتال ذريعن موجب ٽرين حادثن جي زخمين ۾ 57 مرد 14 عورتن ۽ 11 ٻارڙا شامل آهن ٽرين حادثي جي 55 زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ فارغ ڪيو ويو فوتي مسافرن مان 8 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي فوتي مسافرن ۾ ياسر فيصل آباد، ارشاد احمد ميرپور ماٿيلو، ضياءالله نوشهرو، فراز، محمد افضل فيصل آباد، رحيم يار خان حبيبه ڌي انتظار چنيوٽ، رفيقان زال محمد يوسف چنيوٽ، امتياز ولد مختيار ظاهر پير رحيم يار خان ايڊيشنل جنمرل مئنيجر ريلوي زبير شفيع مطابق اڪبر ايڪسپريس جو ڊرائيور عبدالخالق ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن زبير شفيع ٻڌايو ته اڪبر ايڪسپريس جي 10 مان 4 گاڏا پٽڙي تان لٿا آهن حادثي کان پوءِ ٽرين تي ٽرينن جي اچ وڄ بند ٿي ويئي هئي جڏهن ته ساڍي 8 وڳي ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو ٻئي پاسي اکين ڏٺل شاهدن ٻڌايو ته حادثي صبح اٽڪل 4 وڳي پيش آيو ٽرين ۾ سوار ڪافي مسافر ستل هئا گاڏي کي حادثو ڪانٽو تبديل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پيش آيو آهي اسٽيشن وارا پنهنجي ڊيوٽي نه ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن پنهنجي ڊيوٽي تي هجن ها ته جاني نقصان نه ٿئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *