شڪارپور سانحو: شهداءِ ڪميٽي ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب، ڪميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شڪارپور سانحي خلاف احتجاجي ڌرڻو نمائش چورنگي تي جاري آهي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي وزيراعليٰ هائوس وڃڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت شهداءَ ڪميٽي کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي جنهن تي شهداءَ ڪميٽي جو وفد وزيراعليٰ هائوس پهتو ڳالهين لاءِ سنڌ جو وڏو وزير، شرجيل ميمڻ، آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز به شريڪ هئا، اجلاس ۾ حڪومتي ۽ شهداءَ ڪميٽي تي ٻڌل 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، حڪومتي ٽيم جي سربراهي شرجيل ميمڻ جڏهن ته شهداءَ ڪميٽي جي سربراهي مولانا مسعود ڊومڪي  ڪئي ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊي جي رينجرز شهداءَ ڪميٽي جي وفد کي ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ امام بارگاهن ۽ مقدس جاين جي حفاظت لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جو يقين ڏياروي جڏهن ته فوجي آپريشن تي سنڌ حڪومت جو چوڻ هو ته معاملو وفاق جو آهي، شهداءَ ڪميٽي جا ڪيترائي مطالبا مڃي وڃڻ کانپوءِ نمائش چورنگي تي ڌرڻو ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڌرڻو هڻندڙ پشاور سانحي جي شهيدن جي وارثن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، مسعودي کي حتمي شڪل ڏيڻ بعد اعلان ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *