حڪومت نجڪاري جي شيطاني کان پاسو ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه گلگت بلتستان ۾ وفاقي وزير کي گورنر بنائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ (ن) اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي ڪري رهي آهي (ن) ليگ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن کان عمران خان مان جان ناهي ڇڏائي سگهي وزير کي گورنر بنائڻ قانوني طور تي غلط آهي حڪومت پنهنجو پاڻ کي تڪراري نه بڻائي اسيمبلي جو مدو 4 سال ڪيو وڃي ته ڪيترائي مسئلا گهٽجي ويندا مسلم ليگ (ن) نظام کي پنهنجي مرضي مطابق نه هلائي سڄي دنيا ۾ اپوزيشن ليڊر جي خط جو جواب ڏنو وڃي ٿو نوازشريف کي به منهنجي خطن جو جواب ڏيڻ گهرجي اسحاق ڊار ۽ شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ٿي چڪيون آهن حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون بحال ٿيڻ لاءِ پراميد آهيان اربع تي پارليمينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي ڪري رهي آهي نگران حڪومت ۾ به 10 مان 7 وزير مسلم ليگ (ن) لاءِ ويا آهن چيف اليڪشن ڪمشنر به مسلم ليگ (ن) جي هڪ ورڪر کي بڻايو ويو اهي اڃا گورنر گلگت بلتستان به مسلم ليگ (ن) جي هڪ وزير کي بڻايو ويو آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اڃا تائين گذريل ڌانڏلي جي الزامن مان عمران خان کان جند ئي ناهي ڇڏائي سگهي گورنر گلگت بلتستان کي هٽائڻ کان اڳ ان کان نه پڇيو ويو ۽ نه ئي ٻڌايو ويو ته هڪ وزير کي گورنر مقرر ڪرڻ قانوني طور تي غلط آهي اسان قمرزمان ڪائره کي ان وقت گورنر بڻايو هو جڏهن گلگت بلتستان ۾ سسٽم نه ٺهيو هو سسٽم بڻجڻ کان پوءِ اسان هڪ عورت کي گورنر بڻايو آهي عورت گورنر جي لاڏاڻي کان پوءِ اسان منظور وٽو کي گورنر نه بڻايو پر گلگت بلتستان جي شهري کي گورنر بڻايو جيتوڻيڪ منظور وٽو جي خواهش به هئي ته کيس گورنر بڻايو وڃي هن چيو ته اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي ته نوازشريف حڪومت آخر ايڏا مسئلا ڇو ڪري رهي آهي گلگت بلتستان ۾ هڪ وفاقي وزير کي گورنر مقرر ڪرڻ سان اتي چونڊ ڌانڌلي جي نيت ظاهر ٿئي ٿي ان سلسلي ۾ ان وزيراعظم نوازشريف کي هڪ خاص خط به لکيو آهي ۽ ان خط جو جواب به ناهي آيو خورشيد شاهه چيو ته سڄي دنيا ۾ جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر خط لکي ٿو ته وزيراعظم کي جواب لکڻو پوي ٿو نوازشريف کي به منهنجي خط جو جواب ڏيڻ گهرجي هن چيو ته مان هاڻي به نوازشريف کي چوڻ چاهيان ٿو ته هو ڌانڌلي کان پاسو ڪري ڇو ته ڌانڌلي سان ڪجهه نه ملندو پر ثابت ٿي ويندو ته هي حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي هن چيو ته نوازشريف کي ڌانڌلي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان هڪ نئون پنڊورا باڪس کلندو هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڌانڌلي ڪري پنهنجي حڪومت کي تقراري نه بڻائي هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته اسان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي نه پر جمهوريت بچائڻ لاءِ حمايت ڪئي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ وزير مون کي چيو هو ته شاهه صاحب اوهان اسان کي حڪومت بچائي ڏني آهي پر اسان مان نيڪ اميد نه رکندا سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي اپيل ڪيون ٿا ته نظام کي پنهنجي مرضي مطابق نه هلائي هن چيو ته مان سڀني کي اپيل ڪيان ٿو ته اهڙيون حالتون پيدا نه ڪيو جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *