شهباز شريف جو ڊيلي ميل ۽ عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي لاءَ عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف برطانوي اخبار ڊيلي ميل ۽ وزيراعظم عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته ڊيلي ميل خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڻمرادي ۽ گمراهه ڪندڙ خبر عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چون تي ڇاپي وئي، تنهن ڪري انهن ٻنهي خلاف به قانوني ڪارروائي ڪندس. شهباز شريف وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته هونئن عمران صاحب! توهان کي هاڻ منهنجي طرفان ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيل ٽن دعوائن جو به جواب ڏيڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *