هاڻي سليڪشن نه هلندي، آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۾ اميرن لاءِ اين آر او آهي: بلاول زرداري

رحيم يار خان (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺپتلين کي سياست مان نيڪالي ڏئي سليڪشن نه پر صاف سٿري اليڪشن ڪرائڻي پوندي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ پنجاب صوبي لاءِ نه وڙهندو ته اسان پنجاب جا حق کسي وٺنداسين پاڻي جي کوٽ آهي ته سڀني کي گڏجي برداشت ڪرڻو پوندو آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۾ اميرن لاءِ اين آر او آهي عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ۽ هڪ به نه ڏني. صادق آباد ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوانن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ۽ صوبن جو به معاشي قتل ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ به ڌاڙو هنيو ويو آهي سڀ کان گهڻو نقصان پنجاب کي ٿيو آهي 7 سنڌ سان ناانصافي ٿئي ٿي ته وڏو وزير حقن لاءِ وڙهي ٿو پر پنجاب ۾ ائين نه ٿو ٿئي. ڪٺپتلي پنجاب جو وڏو وزير صوبي لاءِ نه وڙهندو ته اسان پنجاب جا حق ان کان کسي وٺنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾ سخت حالتن  باوجود عام ماڻهوءَ جي ڏکيائين جو خيال رکيو پر هن حڪومت جي بجيٽ ۾  عوام لاءِ تڪليف ۽ امير لاءِ سهولت آهي. ان کان اڳ اڳوڻي سيد انور محمود چيو ته پاڪستان اڄ جيترو ڪمزور آهي اڳ ڪڏهن به نه هيو پاڪستان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن هن چيو ته منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو جيئڻ مرڻ پ پ سان تعلق آهي ان کان اڳ ايم پي اي ممتاز احمد چانگ تقرير ڪندي چيو ته منهنجي تڪ ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي ۽ 70 سيڪڙو ماڻهن وٽ بجلي ناهي سمورن ايم پي ايز اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو جنهن تي سڏ نه ورنايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *