شعيب اختر قومي ٽيم جي رانديگرن ۽ انتظاميا کي ڊنل قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر قومي ٽيم جي رانديگرن ۽ انتظاميا کي ڊنل قرار ڏئي ڇڏيو. وڊيو پيغام ۾ اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ٽيم ڊنل آهي. هن چيو ته پاڪستاني يم لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ ڏکيو ٿي ويو آهي پر هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان منهنجون اڃا به اميدون وابسته آهن. شعيب اختر قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي خوفزده قرار ڏيندي چيو ته اسان هن ڊنل ٽيم ۽ انتظاميا سان ڪاميابي جي رستي تي نٿا نڪري سگهون. هن چيو ته پاڪستان کي ڪاميابي جي رستي تي آڻڻ لاءِ دلير رانديگر ۽ انتظاميا جي ضرورت آهي، 1990 جي ڏهاڪي ۾ اهي رانديگر ڪرڪيٽ کيڏندا هئا جيڪي دلير هئا ۽ بهادر ئي انتظياميا جي ضرورت هوندا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *