شريف خاندان ڀارتي ويزا لاءِ واپارين سان رابطو ڪندو رهيو، زرداري ڪٽنب به اُن ۾ ملوث رهيو آهي: مراد سعيد

اسلام آباد ( م.ڊ) وفاقي وزير مراد سعيد نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سوڌو اپوزيشن جماعتن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. مراد سعيد چيو آهي ته شريف خاندان ڀارتي ويزا لاءِ واپارين سان رابطو ڪندو رهيو، زرداري ڪٽنب به اُن ۾ ملوث رهيو آهي، نواز ليگ وارن ڀارتي واپارين سان ملاقاتن جَي باري ۾ پُڇيل سوال جا اڃا تائين جواب نه ڏنا آهن، 27 فيبروري تي پاڪ فوج ۽ هڪ پارٽي نه، پر سڄي قوم جِي ڪاميابي هئي، اُن ڏينهن ڀارت جَي غرور کي اڀينندن جِي صورت ۾ آسمان تان هيٺ ڪرندَي ڏٺو، پارليامينٽ ۾ ڏنل تڪراري بيان تي اپوزيشن پارٽيز ڪابه شرمساري محسوس نٿيون ڪن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *