اسان اسلام آباد وياسين ته مولانا وانگر واپس نه موٽنداسين: سراج الحق

باجوڙ (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو ته ڪوڙ جو جيڪڏهن ورلد ڪپ ٿئي ها ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان هي ورلڊ ڪپ کٽي وٺي ها. اسان جلد پشاور ۽ اسلام آباد جو به رخ ڪنداسين جماعت اسلامي جي اهتمام هيٺ مهانگائي ۽ موجوده حڪومت جي خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ باجوڙ اسپورٽس ڪمپليڪس تي عظيم الشان عام جلسو ڪيو ويو ان موقعي تي جماعت اسلامي جو صوبائي امير سينيٽر مشتاق احمد خان، امير جماعت اسلامي باجوڙ حاجي سردار خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر سراج الدين خان، مولانا فريد گل ۽ ٻين به عام جلسي کي خطاب ڪيو مقررن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي ڪري قبائلي عوام جو گهڻو نقصان ٿيو گذريل اليڪشن ۾ ڏاڍ سان عوام جو رستو روڪيو ويو جنهن جي ڪري اڄ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي آمريڪا ۽ ڀارت اليڪشن ۾ اسان جي هار تي خوشي جو اظهار ڪيو هو موجوده حڪومت 22 ڪروڙ عوام ۽ قبائلين سان دوکو ڪيو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو هو اهو سليڪٽڊ جي حڪومت ۾ به ٿي رهيو آهي. ڪوڙ جو جيڪڏهن ورلڊ ڪپ ٿئي ها ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان هي ورلڊ ڪپ کٽي ها سراج الحق چيو ته پي ٽي آءِ نه رڳو پاڪستاني عوام پر استيبلسمينٽ کي به تباهه ڪري ڇڏيو موجوده حڪومت ۾ مدرسو ۽ مسجد محفوظ نه آهي معيشت تباهه ٿي ويئي آهي. موجوده حڪومت ۾ رڳو ڪجهه ماڻهن جا مفاد موجود آهن مان سرمائيدارن لاءِ نه پر غريب عوام ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي حقن لاءِ ميدان ۾ نڪري آيو آهيان منهن سان گڏ مافيا نه آهي پر ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهو آهن مان عدالتن ۾ انگريز جي نظام بدران قرآن ڪريم جو نظام ڏسڻ چاهيان ٿو مان هن ملڪ ۾ وياجي نظام بدران اسلام جو نطام آڻڻ چاهيان ٿو مان اهو نظام آڻڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ غريب هاري حڪمرانن کان پنهنجن حقن بابت پڇا ڪري سگهي امير جماعت اسلامي چيو ته فرانس کي جواب ڏيڻ لاءِ بهادر قيادت گهرجي عمران خان پريشان آهي ته عوام سان گڏ بيهجي يا آمريڪا ۽ يورپ سان گڏ اسان مهانڊن جي نه پر نظام جي تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا اسان جلد پشاور ۽ اسلام آباد جو به رخ ڪنداسين اسان مولانا فضل الرحمان وانگر اسلام آباد مان واپس نه اينداسين جڏهن وينداسين ته واپس ان وقت تائين نه اينداسين جيستائين اسان جا مطالبا منظور نه ٿيندا. سراج الحق  چيو ته پي ڊي ايم جو پي تي آءِ سان اختلاف اسٽيبلسمينت پاران عمران خان کي ڏنل کير جي فيڊر تي آهي ايف ٽي اي ايف ۽ آءِ ايم ايف جي دٻاءُ ۾ جيڪي قانون ٺاهيا ويا ان ۾ پي ڊي ايم حڪومت جو ساٿ ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *