شرجيل ميمڻ نجي ٽي وي کي 2 ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊان نيوز (ٽي وي چينل) کي سندس خلاف ڪوڙي، بي بنياد ۽ من گھڙي خبر نشر ڪرڻ تي 2 ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. 14 ڏينهن اندر اندر جيڪڏهن ڊان نيوز ٽي وي چينل کائنس غير مشروط معافي نه گھري، ته نه فقط ان خلاف دعوه داخل ڪيو ويندو پر ان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويندو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل ڊان نيوز جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر(سي اي او) کي اُماڻيل نوٽيس ۾ چيو آهي ته سندس موڪل پاڪستان جو قانون پسند، تعليم يافته ۽ معزز شهري هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا جو معزز ميمبر آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڊان نيوز 29 مئي 2015 تي پنهنجي چينل تي هڪ ڪوڙي ۽ من گھڙي خبر ان جي موڪل شرجيل انعام ميمڻ جي نالي سان نشر ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته اهلڪارن شرجيل ميمڻ جي پرائيويٽ سيڪريٽري کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ان جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي”۽“ ڳجھن ادارن جا اهلڪار رقم به پاڻ سان کڻي ويا آهن. هيءُ هڪ نهايت غير ذميواراڻو ۽ بي هودا الزام آهي ۽ ان سان نه فقط سندس ڪلائينٽ شرجيل انعام ميمڻ جي ساخ کي نقصان رسيو آهي پر ان خبر سان پيمرا قانون جي به خلاف ورزي ٿي آهي. شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل چيو آهي ته شرجيل انعام ميمڻ جي گھر تي نه ئي ڪنهن قسم جو ڪو ڇاپو لڳو ۽ نه ئي سندس پرائيويٽ سيڪريٽري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل جي معرفت ڊان نيوز جي سي اي او کي اُماڻيل نوٽيس ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته هو ان ڪوڙي ۽ بي بنياد خبر جي حوالي سان فوري طور تي پنهنجي نيوز چينل تي معزت ڪري، جيڪڏهن 14 ڏينهن اندر اندر ائين نه ڪيو ويو ته 2 ارب روپين جي هرجاڻي جي نوٽيس سان گڏ وگڏ ٻي قانوني ڪارروائي کي به منهن ڏيڻو پوندو جيڪو سندس ڪلائينٽ جو قانوني حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *