عذير بلوچ تي ڪرڙي نظر آهي، کيس ڀڄڻ نه ڏنو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته ايگزيڪٽ واري معاملي جي جاچ تيزي سان هلي رهي آهي، قانوني مدد لاءِ ايف آءِ اي، ايف بي آر  ۽ برطانيا  ڏانهن  خط لکي ڇڏيا آهن، جڏهن ته لياري گينگ وار جي بدنام ڏوهاري عزير بلوچ جي حوالي سان گهرو وزير جو چوڻ هو ته عزير بلوچ ۽ حامد صديقي جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، ٻئين ڏوهاري نظر ۾ آهن، اهي  ڪيڏانهن به ڀڄي نٿا سگهن، اسلام آباد جي علائقي چڪ بيلا ۾ خطاب دوران گهرو وزير چوڌرينثار علي خان جو چوڻ هو ته ايگزيڪٽ جي معاملي تي جاچ تيزي سان هلي رهي آهي ۽ ايف آءِ اي قانوني  مدد لاءِ ايف بي آر کي خط لکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي انٽرپول سان به رابطي ۾ آهي، پراسيڪيوشن جو معاملو پوءِ ٿيندو.سندس  چوڻ هو ته ايف آءِ اي گڏيل عرب عمارات کي خط لکڻ لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏني آهي، ۽ ايندڙ  هڪ ٻن ڏينهن ۾ يو اي اي جي اختيارين کي خط لکيو ويندو، ايگزيڪٽ انتظاميه جي خلاف ايف آءِ آر آخري نه آهي، ان حوالي سان ثبوت سامهون اچڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪيس به داخل ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته بول جي رجسٽريشن لاءِ صحيح طريقيڪار نه چونڊيو ويو هو، سيڪيورٽي ڪليئرنس لاءِ قانون ۽ ضابطه پورا نه ڪيا ويا هئا، جنهن جي بنياد تي بول  سيڪيورٽي  ڪليئرنس رد ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته عزير بلوچ ۽ حامد صديقي تي اسان جي نظر آهي، انهن  کي ڀڄڻ نه ڏينداسين، عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته گرفتار ڏوهاري معظم علي بابت جاچ اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، جاچ جي حوالي سان طريقيڪار واضع ڪيو ويو آهي، هن اهم اڳڀرائي ڏانهن اشارو ڏيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ برطانيا سان سهڪار جي سطح  مٿي هوندي.     سامهون اچي ويندا. گهرو وزير چيو ته ايگزيڪٽ اسڪينڊل جي جاچ شروعاتي مرحلي ۾ آهي. چوڌري نثار چيو ته بول ٽي وي جي حوالي سان سيڪيورٽي ادارن کان ڪليئرنس نه ورتي وئي آهي. چوڌري نثار چيو ته نگران دور ۾ تڪڙ ۾ بول ٽي وي جو لائيسنس جاري ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *