شرجيل ميمڻ جي هدايت تي واٽر بورڊ جي 262 گوسڙو ملازمن کي نوٽيس جاري، پگهارو روڪڻ جو حڪم

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بلديات کاتي ۾ گوسڙو ملازمن خلاف جاري مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي 262 گوسڙو ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهن سمورن ملازمن جون نه صرف پگهارون فوري طور تي روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن بلڪ انهن سمورن ملازمن کان فوري طور تي شوڪاز نوٽيس جو جواب به  طلب ڪري ورتو آهي ۽ ايئن نه ڪرڻ تي انهن سمورن ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو. اربعا تي اطلاعات ۽ بلديات جي وزير ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي چيئرمين شرجيل انعام ميمڻ واٽر بورڊ جي 262 اهڙن ملازمن جيڪي ڊيوٽين تان مسلسل غيرحاضر هئا انهن کي گوسڙو ملازم قرار ڏيندي انهن سمورن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان صوبائي وزير، سيڪريٽري بلديات ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي خصوصي طور تي هدايتون ڏنيون آهن ته انهن سمورن ملازمن جون پگهارون فوري طور تي روڪيون وڃن ۽ انهن کان شوڪاز نوٽيس جو فوري جواب طلب ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انهن سمورن ملازمن کي ڊيوٽين تي حاضر نه هجڻ ۽ پگهارون وٺڻ تي نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن انهن ملازمن پاران تسلي بخش جواب نه مليو ته نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو. واضح رهي ته صوبائي وزير پاران 23 فيبروري 2015 کان پوري صوبي ۾ جاري ”صاف سرسبز سنڌ ۽ پرامن سنڌ“ مهم دوران صوبائي وزير بلديات کاتي جي ماتحت سمورن کاتن مان گوسڙو ملازمن جي خاتمي جا حڪم ڏنا هئا ۽ ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ، ڪي ايم سي ۽ سمورن ڊي ايم سيز ۽ ٽي ايم ايز جي اعليٰ آفيسرن کي هدايتون ڏنيون هيون ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۽ کاتن مان اهڙن ملازمن جون فهرستون تيار ڪن جيڪي ڊيوٽين تي نه ٿا اچن ۽ انهن جون پگهارون به ادا ڪيون پيون وڃن، جنهن کان پوءِ ايستائين بلديات کاتي مان اهڙن ملازمن خلاف ڪاررواين جي شروعات ٿي آهي ۽ واٽر بورڊ جي انهن 262 ملازمن کي اربع ڏينهن جاري ڪيل شوڪاز نوٽِس ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *