ايم ڪيو ايم صفوران سانحي خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم صفوران سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي سان اسيمبلي جي ميمبرن کي ڄاڻ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسماعيلي برادري تي دهشتگردي واري حملي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ جي اڳڀرائي جي ڄاڻ هجڻ مخالف ڌر جو حق آهي.هن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته صفوران سانحي جي جاچ جي باري ۾ ايوان کي ڄاڻ ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *