سچن ٽنڊولڪر جو ڪيريئر دوران ذهني بيماري ۾ مبتلا رهڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر ڪيريئر دوران انزائٽي ۽ بي خوابي يا ننڊ نه اچڻ جي بيماري جو شڪار رهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. اي ايف پي جي رپورٽ موجب سچن ٽنڊولڪر ٻڌايو ته ميچ کان هڪ رات اڳ اڪثر کيس ننڊ نه ايندي هئي. سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ۽ ون ڊي رنز ٺاهيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته جڏهن کيس ننڊ نه ايندي هئي ته هو ٽي وي ڏسندو هو يا گيم کيڏندو هو.رپورٽ موجب ٽائمز آف انڊيا سان ڳالهائڻ دوران سچن ٽنڊولڪر چيو ته گرائونڊ ۾ وڃڻ کان اڳ ئي سندس ذهن ۾ ميچ شروع ٿي ويندي هئي ۽ منهنجو انزائٽي وڌي ويندو هو. سچن ٽنڊولڪر چيو ته مونکي 10 کان 12 سال تائين انزائٽي رهيو ۽ ميچ کان ڪيتريون ئي راتيون خواب ڏسندي گذاريندو هئس. هن وڌيڪ چيو ته بعد ۾ مون تسليم ڪرڻ شروع ڪيو ته اهو سڀ منهنجي تياري جو حصو هو، جڏهن رات جو ننڊ نه ايندي هئي ته پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. هن چيو ته ايٿليٽس سميت ڪرڪيٽرن جي ذهني صحت هڪ اهم موضوع بڻجي وئي اهي، خاص طور تي عالمي وبا دوران خاص ڪري جڏهن ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي بائيو سيڪيور ببلز مان گذرڻو پئجي رهيو آهي. سچن ٽنڊولڪر جنهن ڪرڪيٽ جي 24 سال انٽرنيشنل ڪيريئر جي 200 ٽيسٽ ۽ 763۽ ڊي آءِ کيڏيون، ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته پهريان ته اهو قبول ڪرڻ ضروري آهي ته سندس جسم ۾ ڪو مسئلو موجود آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *