سڀني ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڪنهن به مداخلت ڪئي ته ان جي خلاف مزاحمت لاءِ اٿنداسين: طالبان

ڪابل(ويب ڊيسڪ)ڪابل تي قبضي کانپوءِ طالبان افغانستان اسلامي امارات حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، ان کان اڳ هو دنيا جي مختلف مڪلن سان لاڳاپا سٺا رکڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪا آهن. ان حوالي سان طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو وڌيڪ هڪ بيان آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته سڀني ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڪنهن به مداخلت ڪئي ته ان جي خلاف مزاحمت لاءِ اٿنداسين. ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان عوام طالبان سان گڏجي ڪم ڪن ۽ وڏو گڏيل نظام ٺاهڻ ۾ طالبان جي مدد ڪن. طالبان ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته طالبان ڪنهن به ملڪ جي خلاف دشمني وارا جذبا نٿا رکن ۽ چاهيون ٿا ته ڪو به ملڪ اسان جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪري. هن چيو ته طالبان سڀني ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهين ٿا، پر جيڪڏهن مداخلت ڪئي وئي ته انجي مذاحمت لاءِ ضرور اٿنداسين. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته افغان قوم ٽن صدين ۾ ٽن عالمي طاقتن کي شڪست ڏني آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *