افغان صورتحال جا سڄي خطي تي اثر آهن: شهباز شريف جو افغان صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف افغانستان جي صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان ڪئميرا گهرايو وڃي، جنهن ۾ پيش صورتحال تي غور ويچار ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي ۽ سياسي سطح تي ان مسئلي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان تي امڪاني اثرن جو تفصيلي ۽ گهرائي سان سنجيده تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي صورتحال جا سڄي خطي تي اثر آهن، مَٽجندڙ حالتن ۾ پاڪستان ۾ قومي اتفاق راءِ ۽ هڪ بيانيو اڻٽر آهي، قومي مفادن جو تقاضو آهي ته سڀ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر هڪ پيج تي هجن. ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن کي عوامي استحصال جا بدترين سال قرار ڏيندي چيو ته عوام اڄ 3 سال اڳ جي پاڪستان کي حسرت سان ياد ڪري رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *