سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس تي درخواستن جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ڪندي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاناما ليڪس تي درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي اڱاري پهرين نومبر تي ٿيندي، ان سلسلي ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ لارجر بينچ جوڙي وئي آهي، لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي، آصف سعيد کوسو، امير هاني مسلم، عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف سميت سمورين ڌرين کي پهريائين نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي ۽ طارق اسد وڪيل پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون، هلندڙ مهيني 20 آڪٽومبر تي انهن درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف، اسحاق ڊار، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر، حسن نواز، حسين نواز، ڊي جي ايف آءِ اي، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اٽارني جنرل سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي هئي، ان کانپوءِ عدالت درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پهرين نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *