حڪومت اقليتن جي حقن جي لاءِ پر عزم آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي حقن جي لاءِ پرعزم آهيون، هندو برادري ۽ ٻين اقليتن جو ملڪي ترقي ۾ فخر جوڳو ڪردار آهي. ڏياري جي موقعي تي وزير اعظم هندو برادري کي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏيارين روشنين ۽ خوشين جو تهوار آهي. ان تهوار تي ضرورتمندن جي مدد ڪيو ۽ پنهنجي حيثيت کان گهٽ وارن ماڻهن کي ياد رکو.  وزير اعظم چيو ته پاڪستان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي ميدان ۾ هندو برادري جي ماڻهن جو ڪردار فخر جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي ابي سمورين اقليتن کي ملڪ ۾ مذهبي آزادي ڏني. دعا آهي ته روشنين جو تهوار سڀني جي زندگين ۾ خوشيون آڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *