سپريم ڪورٽ فوجي عدالتون برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) 18 هين ترميمن خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت جي فيصلي کانپوءِ فوجي عدالتون بحال ٿي ويون آهن، 18 هين ترميم جي ٽن ۽ 21 هين ترميم جي ٽن ججز مخالفت ڪئي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ آئيني ترميمن خلاف درخواستن تي مختصر فيصلو جاري ڪيو. عدالت اڪثريت راءِ جي بنياد تي 21 هين ترميم خلاف درخواستون رد ڪندي فوجي عدالتون برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو. فوجي عدالتن جي قيام جي حق ۾ 11 ججز فيصلو ڏنو، جڏهن ته جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 6 ججز فيصلي جي مخالفت ڪئي. جسٽس جواد ايس خواجه  فيصلي ۾ 25 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ضروري ناهي ته پارليامينٽ هر قانونسازي عوام جي خواهشن مطابق ڪري، عدالتن جا فيصلا فلسفن ۽ سوچ تي ٻڌل نه هئڻ گهرجن. جسٽس جواد ايس خواجه اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته پارليامينٽ مقتدر ادارو ناهي، ڪجهه وقتن تي عدالت پارليامينٽ جي ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان متفق آهي ته 21 هين ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي. عدالت، 21 هين ترميم سان گڏ 18 هين ترميم خلاف به درخواستون اڪثريتي بنياد تي رد ڪري ڇڏيون آهن، ترميم جي حمايت ۽ 3 ججز حمايت ڪئي. 18 هين ترميم خلاف درخواستن ۾ اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري بابت پارليامينٽ جي ڪردار، آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ ان بابت پارليامينٽ کي آئين سازي بابت ڏنل اختيارن جا سوال اٿاريا ويا هئا، جڏهن ته 21 هين ترميمن خلاف درخواست ۾ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ فوجي عدالتن جي قيام واري نقطن کي اٿاريو ويو هو. ٻئي طرف اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن 21 هين ترميم بابت عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار ڪامران مرتضي چيو آهي ته غلطي سڀني کان ٿي سگهي ٿي، هـُو پنهنجي موقف تي قائم آهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر  ڪامران مرتضيٰ چيو ته 21 هين ترميم ۾ بنيادي آئين جي ڍانچي وارو معاملو اٿاريو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي بعد جائزو وٺي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ويندي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته غلطي سڀني کان ٿيندي آهي، ٿي سگهي ٿو سپريم ڪورٽ جي ججز کان به غلطي ٿي هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *