وزيراعظم فوجي عدالتون برقرار رکڻ واري فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم فوجي عدالتون برقرار رکڻ واري فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلي سان دهشتگردن کي شڪست ملي آهي، جڏهن ته نواز شريف، هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم ۽ جـَي يو آءِ کي پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واريون رٿون واپس وٺڻ جــِي اپيل ڪئي آهي. قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 18 هين ۽ 21 هين ترميم بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخي آهي ۽ ان سان سٺا اثر پوندا. نواز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان دهشتگردن کي شڪست ملندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي فائدو حاصل ٿيندو. سندس چوڻ هو ته غير معمولي حالتن لاءِ غير م عمولي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، الله جو شڪر آهي ته پارليامينٽ جي منظور ڪيل فيصلي جي عدالت به حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پارليامينٽ اتحاد ۽ اتفاق جو جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي ته اهو ئي پنهنجي منزل تي وٺي ويندو. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب، نيشنل ايڪشن پلان، آئيني ترميمن، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۽ پرڏيهي معاملن تي هنن گڏيل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ نئون جمهوري ڪلچر وڌي رهيو آهي، جنهن کي عوام ۽ ملڪي ادارن جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. نواز شريف چيو ته ايوان ۾ ويهي هر ميمبر ۽ هر جماعت عوامي مينڊيٽ کڻي آئي آهي، ايوان جي مضبوطي ۾ ئي جمهوريت جي مضبوطي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪ فوج ۽ سول ادارا دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي رهيا آهن جڏهن ته هن ويڙهه ۾ ڪاميابي ملي رهي آهي. هن چيو ته هن قوم کي خطاب دوران چيو هو ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سندن لاءِ تاريخي آهي ۽ ان کان اڳتي هن نئين سفر جي شروعات ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جـَي يو آءِ کان تحريڪ انصاف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جون رٿون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي پر مسئلو سندن خواهش موجب حل نه ٿي سگهيو. نواز شريف چيو ته سندن راءِ آهي ته عوامي مينڊيٽ کڻي ايندڙ جماعت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ هنن پارٽي ۾ صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪوي ته نون ليگ تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارين رٿن جو حصو نه بڻجندي. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي گذريل ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه سان نه رڳو مولانا فضل الرحمان نه پر هن جا به جذبا مجروح ٿيا، پي ٽي آءِ سربراهه کي اهڙي قسم جي ڳالهه نه ڪرڻ گهـُرجي ها. نواز شريف چيو ته هن ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ جون رٿون واپس ورتيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *