سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي: سراج الحق

پشاور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي، حسين حقاني جي انڪشافن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ملڪ جي 5 کان 6 هزار اشرافيه کي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي اڊياله جيل ۾ بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻڌائي مدرسن لاءِ بجيٽ ۾ ڪيتري رقم رکي وڃي ٿي، 40 سال گذرڻ باوجود حڪومت وياج خلاف قانون تي عمل ڪرائي نه سگهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *