ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيم پر حڪمرانن روڪيو: ڊاڪٽر عبدالقدير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيس پر حڪمرانن روڪي ڇڏيو جڏهن ته ايٽمي قوت جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن وڃي ٿو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڏاڍو وڏو محب وطن هو، ايٽمي قوم جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن وڃي ٿو جنهن مون جهڙي نوجوان تي ڀروسو ڪيو. اسان ايٽم بم تي 1974ع ۾ ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي تي ڪم بينظير ڀٽو جي دور ۾ شروع ڪيو ۽ گهٽ وسيلن جي باوجود ملڪ کي ايٽمي ۽ ميزال قوت بڻايو. هن چيو ته جنرل ضيا الحق ۽ پوءِ صدر غلام اسحاق خان کي لکت طور تي ٻڌايو ته اسان هفتي جي نوٽيس تي ايٽمي بم جو تجربو به ڪري سگهون ٿا جڏهن ته ڀارت ايٽمي ڌماڪي ڪيا ته حڪمرانن تي واضع ڪري ڇڏيو ته برابر جو جواب ڏيڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيس پر حڪمرانن روڪي ڇڏيو، مون حڪومت کي سسٽي آٽو موبائيل انڊسٽري لڳائڻ جي آڇ ڪئي پر ان کي رد ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *