سپريم ڪورٽ آئل ٽينڪرز ٽرمينل هڪ مهيني اندر شيرين جناح ڪالوني کان ذوالفقار منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ آئل ٽينڪرز ٽرمينل هڪ مهيني اندر شيرين جناح ڪالوني کان ذوالفقار منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جسٽس مقبول باقر تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ آئل ٽينڪرز ٽرمينل شيرين جناح ڪالوني کان ذوالفقار آباد منتقل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران سنڌ جَي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري طاحه فاروق عدالت کي ٻڌايو ته شيرين جناح ڪالوني ۾ آئل ٽينڪرز بيهڻ ڪري  شهرين کي سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. طاحه فاروق چيو ته ذوالفقار آباد وارو نئون آئل ٽينڪرز ٽرمينل مڪمل طور تيار آهي، پر مالڪ ٽينڪرز اوڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري عدالت کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن پر ان حوالي سان آئل ٽينڪرز کي تيل فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي به پابند بڻايو وڃي. عدالت، ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ آئل ڪمپنيز کي حڪم ڏنو ته 30 ڏينهن کانپوءِ ٽينڪرز کي تيل جي فراهمي بند ڪئي وڃي. عدالت، ايس ايس پي ٽريفڪ کي پڻ حڪم جاري ڪوو ته مهيني اندر آئل ٽينڪرز شيرين جناح ڪالوني کان ذوالفقار آباد منتقل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *