سي سي پي او وسيم احمد غفار ذڪري کي رستي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو: عذير بلوچ جا جي جي آءِ ٽي ۾ سنسني خيز انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي ۾ سنڌ پوليس بابت سنسني خيز انڪشاف ٿيا آهن. رپورٽ موجب 2010 ۾ سي سي پي او ڪراچي وسيم احمد فون ڪري فاروق اعواڻ جي گهر اچڻ لاءِ چيو سي سي پي او ميٽنگ دوران ٻڌايو ته غفار ذڪري ۽ ان سان ساٿي لياري ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سي سي پي او وسيم احمد غفار ذڪري کي رستي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو. غفار ذڪري کي قتل ڪرڻ لاءِ عذير بلوچ ايس ايڇ او ڪلري ۽ بغدادي کي پنهنجي مرضي سان لڳائڻ جو مطالبو ڪيو جوابدار ايس ايڇ او يوسف بلوچ جي سفارش تي اقبال ڀٽي کي ايس پي لياري لڳرايو. عذير بلوچ اڳوڻو گهرو وزير ذوالفقار مرزا کي سفارش ڪري ايس ايڇ او ڪلري بغدادي ۽ سپر مارڪيٽ مقرر ڪرايا ايس ايڇ اوز ۾ انسپيڪٽر امتياز نيازي، بابر حميد، ثناءُالله ملڪ ايوب عابد تنولي جاويد بلوچ، ۽ چاند خان نيازي شامل آهن. 2009 ۾ قادر پٽيل محمد رئيسي کي عذير بلوچ جي سفارش تي لياري جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرايو. عذير بلوچ محمد رئيسي کان هر مهيني ٻه لک رپيا مهينو ڀتو وصول ڪندو هو انڪشاف جي باوجود اڳوڻي سي سي پي او وسيم احمد ۽ ايس ايس پي فاروق اعواڻ خلاف ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه آندي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *