ٽي ايم اي آفيس باقراڻي ۾ سوين غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف، ڪوڙن ووچرن ذريعي ڪروڙين رپيا هڙپ

باقراڻي (رپورٽر) ٽي ايم اي آفيس باقراڻي ۾ 465 ملازمن مان 300 جعلي ملازمن جي ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي ڀروسي جوڳن ذريعن موجب ٽي ايم اي آفيس لاءِ60 پٽيوالا هڪ ويسي باغيچي لاءِ 20 مالهي ۽ 17 بيلدار، هڪ فائربرگيڊ گاڏي لاءِ 18 فائرمين ،ٻه ٽريڪٽر ۽ هڪ مزدا سميت 4 گاڏين لاءِ 14 ڊرائيور، ٻه سينئير ۽ 83 جونئير ڪلارڪ، 14رڪوري ڪلارڪ، 15 ٽيڪس ڪلارڪ،27 هيلپر، 21 پمپ ڊرائيور، 10 آفيس صفائي ڪندڙ، 8 چوڪيدار، 6 اڪائونٽنٽ ۽ 4 پاڻي پياريندڙن سميت 401 پڪا ۽ 65 ڪچا ملازم ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٽي ايم اي جي هرمهيني 1 ڪروڙ 15 لک روپيا بجيٽ مان 75 لک روپيا ملازمن جي پگهارن جڏهن ته باقي اٽڪل 40 لک روپيا تعلقي جي مختلف شهرن جي صفائي سٿرائي، لائيٽنگ ۽ گاڏين جي خراب هجڻ باوجود هزارين ليٽر ڊيزل جي مد ۾ ڪوڙا ووچر ٺاهي هڙپ ڪيا ويا، جڏهن ته چار سال اڳ 2012ع ۾ 300 وائيٽ ڪالر ڪوڙين ڀرتين جي انڪشاف ٿيڻ باوجود کين هر مهيني اندازن 42 لک گذريل چئن سالن ۾اٽڪل 20 ڪروڙ روپين جو سرڪاري خزاني کي ڌاڙو هنيو ويو، ٽي ايم اي آفيس باقراڻي ۾ اهڙي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي درخواستن بعد ڪالهه نيب پاران ٽي ايم اي آفيس باقراڻي تي هنيل ڇاپي بعد ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ سرگرم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *