سينٽرل اوڀر ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، خطي ۾ ڇڪتاڻ جا نتيجا تباهه ڪندڙ ٿي سگهن ٿا: پاڪستان

نيويارڪ (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائنده مليحه لوڌي چيو اهي ته وزيراعظم نوازشريف خطي ۾ هم آهنگي لاءِ ڪوشان آهن نظام جي خرابي جي ڪري داعش جهڙن غير رياستي عنصرن کي ڦهلجڻ جو موقعو مليو سلامتي ڪائونسل ۾ مباحثي دوران خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائنده مليحه لوڌي چيو ته سينٽرل اوڀر ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ضروري آهن خطي جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جا نتيجا تباهه ڪندڙ ٿي سگهن ٿا الهندي ايشيا ۾ افراتفري ختم ڪري خطي کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو پاڪستان سينٽرل اوڀر ۾ علائقائي دهشمني جي خاتمي جو خواهشمند آهي اسلامي تعاون تنظيم خطي جي ملڪن ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي مليحه لوڌي چيو ته وزيراعظم نوازشريف خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ سينٽرل اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مصلحتي ڪوششون ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *