پاڪستان سوڌو سڀني پاڙي وارن ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا پر سيڪيورٽي تي سوديبازي نه ڪنداسين: ڀارت

 

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه چيو آهي ته ڀارت ، پاڪستان سوڌو پنهنجي سڀني پاڙي وارن ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو پر دوستاڻن لاڳاپن جي آڙ ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڀارتي ميڊيا مطابق نئين دهلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راجناٿ سنگهه چيو ته ڪوبه ملڪ ڀارت جي امن ۽ بهتر سوچ جي ڀيٽنه ٿو ڪري سگهي، اسان سرحد پار کان هلندڙ هر قسم جي انتهاپسندي کي پوري قوت سان منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، هن چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن، سندس چوڻ هو ته ڀارت جي پاڙي ۾ هلندڙ انتهاپسندي جون سرگرميون ڳڻتي جوڳيون آهن ۽ انهن ئي سرگرمين سبب ڀارت کي بار بار حملن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،جنهن جو تازو مثال هلندڙ مهيني پٺاڻ ڪوٽ ۾ ٿيل حملو آهي، راجناٿ سنگهه چيو ته ڀارت جي پاليسي امن واري آهي ۽ امن هيٺ ئي اسان پنهنجي سڀني پاڙيِ وارن ملڪن سان دوستاڻڻ لاڳاپن جي حق ۾ آهيون، جنهن لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *