سينيٽ چونڊون: اليڪشن ڪميشن جو هارس ٽريڊنگ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾  مبينا هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ پارليامينٽ ميمبرن طرفان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين سينيٽ اليڪشن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف به ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب سينيٽ چونڊن کان پوءِ مختلف پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن جي بيان شايع ٿيا جنهن ۾ هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻندڙ ثبوتن سان گڏ 14 مارچ تي پيش ٿين جيئن مبينا هارس ٽريڊنگ جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *