پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو: فرحت الله بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته سندس ئي پنهنجي پارٽي پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو آهي ۽ خدشو آهي ته ڪٿي 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي. سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي فرحت الله بابر چيو ته رياست جي اندر رياست بڻائي وئي آهي، فيض آباد ڌرڻي ۾ جمهوري حڪومت کي جهڪايو ويو، ڊي فيڪٽو اسٽيٽ کي احتساب جي دائري ۾ آڻيندي آڻيندي پارليامينٽ کي سمجهوتو ڪرڻو پيو، مون کي افسوس آهي ته منهنجي پارٽي به پارليامينٽ جي آزادي تي سمجهوتو ڪري ورتو. فرحت الله بابر چيو ته افسوس ٿيندو آهي ته معزز جج قانون جي بدران شعر ٻڌائيندا آهن، اسان کي خدشو آهي ته 2018ع عدليه تي ريفرنڊم ثابت نه ٿئي، اهو رستو ئي اختيار نه ڪيو جو چونڊن جو سال ججن جي فيصلي جو ريفرنڊم نه ڪري ڇڏي. ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي جڏهن ننڍا ننڍا صوبا برابري جو حق گهرڻ لڳن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *