سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ملاقات، ملڪي سلامتي خاطر پاناماليڪس معاملو جلد حل ڪيو وڃي: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف اهم ملاقات ڪئي آهي،جنهن ۾ ڪومبنگ آپريشن ۽ پاناماليڪس سوڌو اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي وڏن ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي سلامتي، آپريشن ضرب عضب ۽ ٻيا معاملا پڻ غور هيٺ آيا، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات دوران وزيراعظم نواز شريف سان پاناماليڪس جي اثرن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، آرمي چيف جو چوڻ هو ته ملڪي سلامتي لاءِ ضروري آهي ته پاناماليڪس جو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جا اثر ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي چيلينجز تي پئجي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *