وزيراعظم ايوان آڏو جوابداه آهي، رڳو حاضري ڪافي ناهي مخالف ڌر کي مطمئن به ڪرڻو پوندو: مخالف ڌر

اسلام آباد (بيورو)  مخالف ڌر جي پارٽين پاناماليڪس جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم کان وضاحت وٺڻ لاءِ سوالنامو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق حڪومت طرفان وزيراعظم جي جمعي تي ايوان ۾ اچڻ واري اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي پارٽين سوالنامو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،گڏيل مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ايوان آڏو جوابداه آهي، تنهن ڪري پاناماليڪس جي معاملي تي رڳو ايوان ۾ حاضري ڪافي ناهي پر کيس مخالف ڌر جي پارٽين کي مطمئن به ڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان وزيراعظم کي موقعو ڏنو آهي ته هو ايوان ۾ اچي ۽ پاناماپيپرز ۾ پنهنجي ڪٽنب تي لڳايل الزامن جي وضاحت ڪري، مخالف ڌر ساڻس جنگ نه پر جواب چاهي ٿي،پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هڪ ڀيرو وري پاناماليڪس ۾ 250 پاڪستانين جا نالا آيا اهن،وزيراعظم اڪيلو الزامن جي گهيري ۾ ناهي، هو ايوان ۾ اچي پاناماليڪس سوڌو 1985ع کان وٺي هن مهل تائين پنهنجي ملڪيت جا تفصيل ٻڌائي، هن چيو ته سڀني مسئلن جو حل پارليامينٽ ۾ موجود آهي،مخالف ڌر پارليامينٽ ذريعي پاناماليڪس معاملي جو حل چاهي ٿي، خورشيد شاهه اعلان ڪيو ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ تائين مخالف ڌر بائڪاٽ جاري رکندي، هاڻ جڏهن نواز شريف ايوان ۾ ايندو ته پوءِ ئي مخالف ڌر جون پارٽيون به اجلاس ۾ شامل ٿينديون، ٻئي طرف ان سلسلي ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته اپوزيشن پارٽين فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم جي رڳو ايوان ۾ حاضري مان مطمئن نه ٿبو پر وزيراعظم کان سوالن جي صورت ۾  پاناماليڪس جي معاملي تي وضاحت گهرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪي گڏيل صلاح مشوري سان سڀاڻي تائين تيار ڪيا ويندا، هن چيو ته سوالنامي ۾ وزيراعظم کان پڇيو ويندو ته سندس ڪٽنب طرفان پاناما منتقل ڪيل رقم تي ڪيتري ٽيڪس ڀري وئي ۽ پاناما ۾ ڪيتري سيڙپڪاري ڪئي وئي؟ پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪيئن اماڻيا ويا؟ذريعن مطابق اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سڀاڻي اسلام آباد ۾ موجود نه هوندو، جنهن ڪري تحريڪ انصاف جو سينيئر اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي اهو سوالنامو پيش ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *