سياسي يتيم ٻڌي ڇڏن استعيفيٰ ۽ اين آر او قطعي نه ڏيندس: عمران خان جو اعلان

گلگت (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي هوندي يهودين کي ڪنهن سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي ڀارتي ميڊيا فضل الرحمان کي ڏيکاري ڏيکاري خوش ٿي رهيو آهي ايئن لڳي ٿو ته مولانا ڀارتي شهري آهي ۽ ڀارت لاءِ ڪوئي ملڪ آزاد ڪرڻ اچي رهيو آهي جهڙي طرح ووٽ وٺڻ ۽ پئسا ٺاهڻ لاءِ اسلام کي استعمال ڪيو وڃي ٿو ان سان اسلام کي نقصان ٿئي ٿو اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن هي اقتدار وٺڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪندو هو ڀلي جيترا ڏينهن به توهان کي ويهڻو آهي ويهو اوهان کي اين آر او نه ڏيندس جمعي تي هتي عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمرانخ ان چيو ته اسان هتي گلگت بلتستان جي آزادي ڏهاڙي جو جشن ملهائي رهيا آهيون ۽ هڪ آزادي مارچ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي هاڻي ڏسڻو هي آهي ته هو اسلام آباد ۾ ڪنهن کان آزادي وٺڻ اچي رهيا آهن وزيراعظم عمران خان چيو ته اتي وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ آهن مان چاهيان ٿو ته پاڪستان جو ميڊيا وڃي ماڻهن کان پڇا ته ڪري ته هو ڪنهن کان آزادي وٺڻ آيو آهي عمران خان چيو ته اوهان پ پ پ وارن کان پڇا ڪندا ته اهي ڪائي ٻي ڳالهه شروع ڪن ٿا ته مهانگائي ٿي ويئي (ن) ليگ وارنکان پڇا ڪندا ته انهن کي خبر ئي نه آهي ته اهي هن مارچ ۾ ڇو شامل ٿيا آهن وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن يو يو آءِ وارن کان پڇا ڪندا ته اهي چوندا ته يهودي اسلام آباد جو قبضو ڪرڻ لڳا آهن مان انهن سڀني کي چوڻ چاهيان ٿو ته فضل الرحمان جيهوندي يهودين کي سازش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي مولانا فصل الرحمان کي ڏسي اسلام ڏانهن ته ڪوئي نه ايندو پر ماڻهو اسلام ڇڏي ڏيندا وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم هاڻي سمجهي ويئي آهي ته ماڻهن کي ان جي بيانن جي خبر آهي هي سوشل ميڊيا جو زمانو آهي جڏهن 5 سال اڳ تحريڪ انصاف ڌرڻو هنيو ته ماڻهن کي خبر آهي ته مولانا فضل الرحمان (ن) ليگ ۽ پ پ پ ڇا چوندي هئي هن چيو ته هي سوشل ميڊيا جو زمانو آهي شيون لڪن نٿيون ماڻهن کي خبر آهي ته اصل مقصد ڇا آهي وزيراعظم چيو ته هي جيڪو اسلام آباد ۾ هڪ گلدستو گڏ ٿيو آهي پختونخواه ملي عوامي پارٽي جو سربراهه محمود خان اچڪزئي به بلوچستان مان اسلام آباد پهچي ويو آهي ڪو ان کان پڇا ڪري ته اوهان هتي ڇا ڪرڻ آيا آهيون اوهان ته هر وقت جي يو آءِ جي مخالفت ڪندا هئا وزيراعطم چيوت ه بلاول ڀٽو جيڪو پنهنجو پاڻ کي لبرل چوي ٿو هو هڪ ئي طرح سان لبرل آهي ته لبرل ئي ڪرپٽ باقي لبرل ان جي آس پاس کان ناهي گذري ڇو ته هو به آزادي مارچ ۾ اچي ويو آهي عمران خان چيو ته اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن هي اقتدار وٺڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪندا هئا. عمران خان چيو ته ڪڏهن ٻڌو آهي ته هڪ ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم جو پٽ لنڊن ۾ اربين رپين جي فليٽس ۾ رهندو هجي شهبازشريف جو پٽ ۽ ناٺي به ملڪ کان ٻاهر ڀڳل آهن جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته حساب ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *