وزير اعظم کي استعيفيٰ لاءِ 2 ڏينهن جو الٽيميٽم، وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي استعيفيٰ لاءِ ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته هاڻ وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون، اسلام آباد ۾ آزادي مارچ کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان تي حڪومت ڪرڻ جو حق رڳو عوام کي آهي، ڪنهن به اداري کي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق نه آهي، 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊون فراڊ هيون ۽پاڪستان جي گورباچوف کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، ڇا اسان قوم کي سدائين لاءِ نااهل حڪمران جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏينداسين؟ جلسي کي خطاب دوران جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته وزيراعظم کي استعيفيٰ لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا، اڄوڪو ڏينهن گذري ويو، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي. اسان وڌيڪ صبر نٿا ڪري سگهون، ادارن کي به چئون ٿا ته ٻن ڏينهن جي مهلت آهي، ٻي صورت ۾ اسان کي نه روڪيو وڃي ته اسان ادارن لاءِ ڪهڙي راءِ رکون ٿا. اسان ادارن کي طاقتور ڏسڻ گهرون ٿا ۽ ادارن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون پر عوام جو فيصلو اچي چڪو آهي، حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته سندس ڳالهه نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻڌي ورتي آهي، ۽ جِن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا، اُنهن به ٻڌي ورتي آهي. اُن موقعي تي جي يو آءِ ف سربراهه آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن کي ترسڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اپوزيشن پارٽيز پاڻ ۾ رابطن ۾ آهن ۽ رهبر ڪميٽي به موجود آهي، جيڪو به فيصلو ٿيندو، آزادي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي آگاهه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *