سياسي جماعتون ۽ قوم بهادر فوج سان گڏ آهي : نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قائد اعظم جو پاڪستان سخت بحران ۽ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، بهادر فوج پنهنجي حب الوطني جذبي ۽ پيشواراڻي مهارت سان وڏن آڏو خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، سموريون سياسي جماعتون ۽ قوم بهادر فوج سان گڏ آهي، وطن کي ڪا طاقت نقصان نٿي پهچائي سگهي، الله جي فضل سان تاريخ جي مشڪل دور مان لنگهي هڪ مضبوط ملڪ طور اڀرنداسين، پاڪستان ڊي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي لاءِ هڪ الڳ وطن حاصل ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ ان جي محبوب اڳواڻن اعلان ڪيو ته مسلمان هر لحاظ کان الڳ قوم آهن، قائد اعظم جي رهنمائي ۾ مسلمانن هڪ اهڙي رياست حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي جنهن ۾ برابري ۽ اخوت جو نظام رائج هجي، مسلمان قائداعظم جي اڳواڻي ۾ الڳ ملڪ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا، قائداعظم مسلمان کي الڳ ڏياري ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ ڪيو، مان اهو عزم ورجايا ٿو ته پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف طبقن وچ ۾ مڪمل هم اهنگي ۽ ڀائپي جو ماحول قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ قائد جو پاڪستان سخت بحرانن جي ور چڙهيل آهي، پاڪستان جا پرامن ماڻهو دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڪستان لاءِ بيروني خطرا موجود آهن جن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *