هر قيمت تي ملڪ ۾ امن بحال ڪيو ويندو: راحيل شريف

راولپنڊي(اي پي پي/م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ملڪ جي خوشحالي ۽ امن لاءِ شهرن ۽ ٻهراڙين مان هر قيمت تي دهشتگردي جي مڪمل انت تائين فوجي آپريشن جاري رهندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاڪ فوج جي ترجمان جنرل عاصم سليم باجوه سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پشاور جو دورو ڪيو جتي کيس خيبرپختونخوا ۽ فاٽا ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ايجنسي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جنرل راحيل شريف هٿياربند فوجين جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده فوجي آپريشن دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ تائين جاري رهندو. هن چيو ته دهشتگرد جتي به لڪندا کين ڳولي نشانو بڻايو ويندو. جنرل راحيل شريف سي ايم ايچ پشاور جو دورو ڪيو ۽ زخمي سپاهين جي خيريت معلوم ڪئي. هن چيو ته انهن زخمين جو حوصلو ۽ عزم سڄي قوم ۽ فوجين لاءِ اثاثو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *