سنڌ 1991ع واري ٺاهه تحت پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي اجلاس ۾پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف خريف واري مند دوران پاڻي جي خرچ جا تفصيل پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي.سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ نئين چونڊيل سينيٽر اعظم سواتي به پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. اجلاس کي پاڻي۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف صوبن پاران خريف واري مند ۾ پاڻي استعمال ڪرڻ جي تفصيل لکت ۾ پيش ڪيا.خواجه آصف کي ايوان کي ڏنل آگاهي موجب 1991ع واري ٺاهه تحت سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي خرچ ڪري چڪو آهي. خواجه آصف موجب سنڌ جو خريف واري مند ۾پاڻي حصو ٽي ڏهائي 421 ملين ايڪڙ فوٽ هو پر سنڌ ان کان وڌيڪ يعني 3ڏهائي 449 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *