آخري بيلٽ پيپر 10 مئي تي ڇپيا هئا ، 11 مئي تائين ڪم ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي: ايم ڊي پرنٽنگ ڪارپوريشن

اسلام آباد (بيورو) ايم ڊي پرنٽنگ ڪارپوريشن موسيٰ رضا آفندي مبينه ڌانڌلي جي ڪميشن کي ٻڌايو ته آخري بيلٽ پيپر 10 مئي تي ڇپجي ويا هئا 11 مئي تائين ڪم ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي جمعي تي مبينه چونڊ ڌانڌلي جي جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ ٿي اليڪشن 2013 جي وقت پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر موسيٰ رضا ٻڌايو ته چونڊ مواد جي ڇپائي لاءِ 18 اپريل تي لکت ۾ درخوات ڏني ويئي پريس اندر ۽ ٻاهر فوج موجود هئي اردو بازار مان مزدور گهرائڻ جي سوال تي موسيٰ رضا قبول ڪيو ته 60 کان 70 امڻهو گهرايا ويا پر هي ڳالهه درست نه آهي ته 100 ماڻهو 11 مئي جي شام تائين ڪم ڪندا رهيا تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزاده پڇاڻو ڪيو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته 24 ماڻهن ۾ پٽيوالو ڪير هو ان تي ججز کيس هي سوال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ايم ڊي موسيٰ رضا ٻڌايو ته اميدوارن جي حتمي لسٽ دير سان ملڻ جي ڪري ڇپائي جو ڪم دير سان شروع ٿيو ۽ 12 تڪن جا بيلٽ پيپلر ٻيهر ڇاپڻا پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *