سنڌ ۾ 2021 ۾ ڪاروڪاري تحت 128 عورتن سميت 176 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل سال غيرت جي نالي تي 128 عورتن سميت 176 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ ڪارو ڪاري جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ سهائي آرگنائزيشن غيرت جي نالي تي قتل ٿيلن جا تفصيل جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل تفصيلن موجب سال 2021ع ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ڪشمور ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا جتي 27 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ 26، شڪارپور ۾ 23، گھوٽڪي ۾ 17 جڏهن ته سنڌ جي ٻين مختلف ضلعن ۾ 83 ڄڻن کي ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ موت جي ننڊ سمهاريو ويو. آرگنائزيشن جي چيئرمين ميڊيا کي ٻڌايو ته جتي جاگيرداري نظام آهي اتي گھڻا قتل ٿي رهيا آهن. ٻي پاسي سماجي تنظيم سان سلهاڙيل وڪيلن جو چوڻ هو ته ڪمزور پوليس جاچ سبب جوابدارن کي سزا نٿي ملي جنهن سبب اهڙا واقعا لاڳيتو وڌي رهيا آهن. بيرسٽر عاشر مسعود جو چوڻ هو ته هتي آپريشن ونگ ۽ انويسٽيگيشن ونگ هڪ ئي پوليس جي آهي، جيڪڏهن انويسٽيگيشن ونگ کي ڌار ڪيو وڃي جيئن ڪراچي ۾ آهي ته آئون سمجهان ٿو ته گھڻي حد تائين سڌارو اچي سگھي ٿو. غيرت جي نالي تي قتل جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ سميت ڪجهه قدم کنيا آهن پر اهي به فائديمند ثابت ناهن ٿي رهيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *